روس ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ تي حملي خلاف وارننگ جاري ڪري ڇڏي

روس ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ تي حملي خلاف وارننگ جاري ڪري ڇڏي

ماسڪو (م ڊ) روس آمريڪا کي ايران جي بوشهر ايٽمي پلانٽ ويجهو انتهائي خطرناڪ حملي تي وارننگ جاري ڪندي چيو آھي تھ حملي جا ناقابل تلافي اگرا نتيجا نڪري سگھن ٿا. ڪريملين جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته ايران ۾ بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جي ويجهو آمريڪي-اسرائيلي حملا انتهائي خطرناڪ آهن ۽ روس آمريڪا سان پنهنجا خدشا شيئر ڪيا آهن، اهڙي حملي جا ناقابل تلافي نتيجا ٿي سگهن ٿا. ھن چيو تھ اسان جو خيال آهي ته ايٽمي سهولتن تي حملا انتهائي خطرناڪ آهن روس هن مسئلي تي هڪ انتهائي ذميوار موقف اختيار ڪندي بار بار پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪريملين جي ترجمان چيو ته ايران ۾ تڪرار کي سياسي ۽ سفارتي نموني حل ڪيو وڃي ها. هي واحد شيءِ آهي جيڪا علائقي ۾ پيدا ٿيل تباهي واري صورتحال کي مؤثر طريقي سان ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.