روس به آمريڪي نقش قدم تي: جرمن چانسلر کي اغوا ڪرڻ جي تجويز

روس به آمريڪي نقش قدم تي: جرمن چانسلر کي اغوا ڪرڻ جي تجويز

برلن (م ڊ) آمريڪا جي وينزويلا ۾ ڪارروائي کان متاثر ٿيندي روسي سياستدان به جرمن حڪمرانن کي اغوا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جنهن تي جرمن حڪومت سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. اڳوڻي روسي صدر ۽ قومي سلامتي جي نائب سربراهه دمتري ميدوديف تجويز ڏني هئي ته جرمن اڳواڻ فريڊرڪ ميئر کي وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو وانگر اغوا ڪري سگهجي ٿو. جرمن حڪومتي ترجمان سيبسٽين هيلي برلن ۾ چيو ته اسان اهڙين ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. حڪومت چانسلر جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي ضرورت نه ٿي سمجهي ۽ چانسلر جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل آفيسر دنيا جي بهترين آفيسرن مان آهن.