| روس جا يوڪرين تي حملا، عمارتون تباهه، 4 ڄڻا مارجي ويا |
ڪيف (م ڊ) روس يوڪرين جي تخت گاهه ڪيف سميت مختلف شهرن تي هائپر سونڪ ميزائل ۽ ٻه سئو کان وڌيڪ ڊرونز سان حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. يوڪريني فضائيا موجب روس 36 ميزائل ۽ 242 ڊرون فائر ڪيا، جن مان 226 ڊرون ۽ 18 ميزائل ڪيرايا ويا. روسي فضائي حملي جي نتيجي ۾ ڪيف ۾ رهائشي عمارتن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ امدادي ڪارڪن به زخمي ٿيا. يوڪريني اختيارين ان کي دشمن جو وڏي پيماني تي ميزائل حملو قرار ڏيندي چيو ته اهو حملو يورپ جي سلامتي لاءِ خطرو ۽ نيٽو اتحادين جو امتحان آهي. روس جو چوڻ آهي ته اهي حملا صدر پيوٽن جي رهائشگاهه تي ڊرون حملي جي ردعمل ۾ ڪيا ويا. روسي پرڏيهي وزارت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اولهه ملڪن يوڪرين ۾ امن فوج مقرر ڪئي ته انهن کي جائز فوجي هدف سمجهيو ويندو.