روس-يوڪرين امن منصوبو ۽ يورپ جو مستقبل

                 روس ـ  يوڪرين جنگ عالمي سياست جو مرڪزي موضوع بڻجي وئي آهي. ٽرمپ انتظاميه جو نئون امن منصوبو، جيڪو پهرين 28 ۽ يورپي مخالفت کان پوءِ 19 نقطن تائين محدود ڪيو ويو آهي، سڄي اوڀر يورپ جي سياسي، فوجي ۽ اقتصادي توازن کي هڪ نئين رخ ڏانهن ڌڪي ٿو. هن منصوبي ۾ گهڻا نقطا اهڙا آهن، جيڪي روس جي مفادن جو پورائو ڪن ٿا ۽ يوڪرين جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقي جي تحفظ تي سڌو حملو ڪن ٿا. ان پسمنظر ۾ يورپ لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج اهو بڻجي ٿو ته ڇا هو گڏيل موقف اختيار ڪري روس جي وڌندڙ جارح قوت کي روڪي سگهندو يا پاڻ اندروني اختلافن جو شڪار ٿي خطي ۾ توازن وڃائي ڇڏيندو.

                 مجموعي طرح انھيءَ ڳالھه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ يورپ ھن ٺاھه کانپوءِ مستقبل جي عالمي طاقت جي راند ۾ ڪهڙي پوزيشن اختيار ڪري سگهي ٿو. روس جي وڌندڙ اثر، ٽرمپ انتظاميه جي تبديل ٿيندڙ پاليسين ۽ يوڪرين جي بقا لاءِ لازمي شرطن جي هن منجھيل صورتحال ۾ يورپ کي شايد پنهنجي سلامتي، اتحاد ۽ توانائي پاليسي بابت اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا، جيڪي ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن جي مستقبل کي طئي ڪندا. يورپ لاءِ مستقبل ۾ وڏو امتحان اهو هوندو ته ڇا هو گڏجي روس کي روڪڻ لاءِ سخت موقف اختيار ڪندا يا اندروني ڏڦيڙ سبب ڪمزور ٿي ويندا. عالمي ماهرن جو اتفاق آهي ته يورپ کي هاڻي پنهنجي سلامتي ۽ توانائي پاليسي ۾ بنيادي تبديليون ڪرڻيون پونديون، نه ته مستقبل ۾ روس جي اثر هيٺ اچي سگهن ٿا.

جڏهن صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني ته يوڪرين ۽ سندس اتحادين وٽ ڪجهه ڏينهن جو وقت آهي ته پوءِ فورن يورپ وارن گڏجي ان امن منصوبي تي وري غور شروع ڪيو، جنهن ۾ 19 نقطن تي اتفاق ڪري واشنگٽن کي آگاهه ڪيو ويو. جنهن بعد روس ۽ آمريڪا جي اڳواڻن ابوظهبي ۾ انهن معاملن تي وري ڳالهيون ڪيون، بعد ۾ صدر ٽرمپ جو نياڻو وٽڪوف فورن ماسڪو پهچي ويو. ان تي يوڪريني صدر زيلنسڪي چيو ته اصل معاملو روس جي قبضي وارن علائقن کي تسليم ڪرڻ وارو آهي، جنهن لاءِ اسان ڀرپور جنگ ڪئي آهي. اهي نيون تجويزون برطانيا، فرانس ۽ جرمني وارن گڏجي تيار ڪيون آهن. جنهن ۾ روس جي قبضي وارن علائقن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ۽ يوڪرين جي فوجي تعداد کي 6 مان 8 لک ڪيو آهي. يوڪرين جي نيٽو ۾ شموليت جا در به کليا رکيا ويا آهن. روس وري به ڊونيٽسڪ ۽ لوهانسڪ وارن علائقن تي مشتمل مشرقي ڊونباس مان يوڪرين جي نڪري وڃڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. اهي علائقا يوڪرين جي ٻين علائقن کيرسن ۽ زاپوريزهيا جي وڏن علائقن کي ڪنٽرول ڪندا آهن. جتي جنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو علائقو خالي ڪري هليا ويا آهن.

ٽرمپ جي ڌمڪي سان يوڪرين ۾ خطري جي گهنٽي وڄي وئي. اصل ۾ يوڪرين وارن لاءِ زمين روس حوالي ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. برطانوي وزير اعظم سر ڪيئر اسٽامر خبردار ڪيو آهي ته، ”هاڻ خطرناڪ، ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ سفر“ شروع ٿي رهيو آهي. روس يوڪرين جي پنجين وڏي علائقي تي قابض آهي. يوڪريني فوج جي سربراهه ايوان زيڊونٽيف به چيو آهي ته اسان جنگ سان ٿڪجي پيا آهيون، اسان کي به وقفو گهرجي، پر واشنگٽن ۽ يورپي يونين ٻنهي جون تجويزون ”يوڪرين جي قومي مفادن کي پورو نه ٿيون ڪن“. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن جي موڊ ۾ ڪجهه ڏينهن کان تبديلي آئي آهي. ٽرمپ صدر پيوٽن سان پهرين تڪڙي ملاقات ڪئي. جنهن تي يورپ وارن سندس 28 نقطن کي رد ڪيو هو. جنهن سان ڪيف کي 20 سيڪڙو علائقو ٽرمپ جي خواهش تي پيوٽن حوالي ڪرڻو هو.

 پهرئين مسودي ۾ علائقائي ۽ سياسي شرط

1. يوڪرين کي روس جي قبضي هيٺ آيل علائقن تان دستبردار ٿيڻ 2. ڪرائيميا تي روسي خودمختياري کي تسليم ڪرڻ. 3، ڊونباس ۾ روس نواز علائقن کي خودمختياري ڏيڻ. 4، زاپوروزه ۽ خيرسون ۾ موجوده فرنٽ لائين کي “فريز” ڪرڻ. 5. يوڪرين کي نيٽو ۾ شموليت تان هٿ کڻائڻ. 6. يوڪرين کي غيرجانبدار حيثيت اختيار ڪرڻ. 7. نيون قومي عام چونڊون ڪرائڻ، جن ۾ روس نواز پارٽيون شامل ٿين. 8. روسي ٻولي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ شامل آهي.

فوجي شرط

9، يوڪرين جي فوجي طاقت گهٽائڻ. 10. هٿيارن جي حد مقرر ڪرڻ. 11. روسي سرحد تان نيٽو کي هٽائڻ. 12. ڊگهي فاصلي وارن ميزائل ۽ ڊرونز تي پابندي 13. يوڪرين ۾ فوجي صنعت کي محدود ڪرڻ شامل آهي.

اقتصادي شرط:

14. روس تي مغربي پابندين ۾ نرمي. 15،روسي منجمد اثاثن جي بحالي. 16. روسي توانائي جي برآمدات تي رڪاوٽون ختم ڪرڻ. 17. روسي بينڪن کي SWIFT سسٽم ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ. 18. روسي ڪمپنين لاءِ عالمي مارڪيٽ کولڻ شامل آهن.

سيڪيورٽي ضمانتون ڏيڻ:

19. يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي ضمانتون (نيٽو آرٽيڪل 5 جهڙيون نه پر ڪجهه تحفظ). 20. روس لاءِ به سلامتي جي ضمانت ته مغرب فوجي ڪارروائي نه ڪندو. 21. امن معاهدي جي نفاذ تي بين الاقوامي نگراني. 22. روس کي ويٽو پاور جهڙي حيثيت ڏيڻ شامل آهي.

انساني ۽ سماجي شرط:

23. قيدين جي مٽاسٽا. 24. جنگي نقصانن جي معاوضي تي ڳالهه ٻولهه. 25. روس نواز علائقن ۾ انساني حقن جي ضمانت. 26. پناهگيرن جي واپسي. 27. مذهبي آزادي جي تحفظ. 28. ثقافتي ۽ تعليمي تعاون شامل آهن.

يورپي ملڪن ۽ يوڪرين جي مخالفت کان پوءِ 28 مان هيٺيان شرط ختم ڪري ان کي 19 نقطن ۾ تبديل ڪيو ويو. اهي نقطا برطانيا، فرانس ۽ جرمني وارن يوڪرين سان گڏجي طئه ڪيا آهن. جن ۾ مغربي پابندين ۾ مڪمل نرمي.روسي توانائي ۽ بينڪن تان رڪاوٽون ختم ڪرڻ. روس کي ويٽو پاور ڏيڻ. روس نواز پارٽين جي چونڊن ۾ شموليت جو شرط نرم ڪيو ويو. اهي 28 نقطا پهرين روسي ۽ ٽرمپ جي ٽيم ۾ طئه ٿيا هئا، فنانشل ٽائيمز ۽ رائيٽرز جي ذريعن موجب ته جرمني ۽ فرانس پابندين ۾ نرمي ۽ اثاثن جي واپسي کي رد ڪيو، روس کي ويٽو پاور ڏيڻ واري شرط کي به ختم ڪيو ويو، اقتصادي فائدا SWIFT، توانائي، اثاثا مسودي مان ڪڍيا ويا پر اقتصادي فائدا ختم ڪري بنيادي فوجي ۽ علائقائي شرطن کي برقرار رکيو ويو. يوڪرين انهن ٻنهي نقطن کي رد ڪيو آهي.

باقي رهيل 19 نڪتا:

1- روس جي قبضي هيٺ علائقن کي تسليم ڪرڻ. 2_ڪرائيميا تي روسي خودمختياري تسليم ڪرڻ. 3_فرنٽ لائين کي “فريز” ڪرڻ. 4_ يوڪرين جي فوجي طاقت گهٽائڻ. 5_ هٿيارن جي حد مقرر ڪرڻ. 6 روس جي سرحد ويجهو نيٽو فوجي موجودگي تي پابندي.7 _ڊگهي فاصلي وارن ميزائل ۽ ڊرونز تي پابندي.8 _ يوڪرين کي نيٽو ۾ شموليت کان دستبردار ٿيڻ. 9 _ غيرجانبدار حيثيت اختيار ڪرڻ. 10 _نيون قومي چونڊون ڪرائڻ. 11 روسي ٻولي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ. 12 _ يوڪرين لاءِ سيڪيورٽي ضمانتون. 13 روس لاءِ سلامتي جي ضمانت. 14 امن معاهدي تي بين الاقوامي نگراني. 15 قيدي مٽاسٽا. 16 _ جنگي نقصانن جي معاوضي تي ڳالهه ٻولهه. 17 انساني حقن جي ضمانت. 18_ پناهگيرن جي واپسي. 19_ مذهبي ۽ ثقافتي آزادي جو تحفظ شامل ڪيا ويا آهن.

نئين مسودي ۾ به يورپ لاءِ 7 وڏا خطرا:

عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ يورپ کي انهن 19 نقطن ۾ به 7 وڏا ۽ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ان ۾ روس کي فوجي خودمختياري ملي ويندي، روس سان يورپ جي ڊگهي جنگ شروع ٿي ويندي. اقتصادي دٻاءُ وڌي ويندو. سياسي ۽ سلامتي جي نئين حڪمت عملي سان کين ئي نقصان ٿيندو. توانائي بحران ۽ عالمي اثر ۾ گهٽتائي اچي ويندي. يورپ، خاص طور جرمني ۽ فرانس، پنهنجي فوجي صلاحيت وڌائڻ تي مجبور ٿيندا. يورپ اڳ ئي دفاعي سيڙپڪاري وڌائي رهيو آهي جيئن آمريڪا تي انحصار گهٽجي سگهي. جيڪڏهن روس جي قبضي کي تسليم ڪيو وڃي، ته يورپ ۾ روس سان ڊگهو جهيڙو شروع ٿي ويندو. ان سان روس کي طاقت ملي سگهي ٿي. تيل جون عالمي قيمتون وڌي وينديون يورپي يونين اندر اختلاف وڌندا. ڪجهه ملڪن روس سان نرم رويو رکندا، جڏهن ته ٻيا ملڪن سخت موقف اختيار ڪندا. اهو يورپي اتحاد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو۔ يورپ کي پنهنجي سلامتي لاءِ نئين حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي، جنهن ۾ نيٽو جي اندروني ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ يوڪرين کي محدود پر مستقل مدد ڏيڻ شامل هوندو۔ توانائي جي حوالي سان يورپ کي هاڻ قطر، آمريڪا ۽ آفريڪا تي وڌيڪ انحصار ڪرڻو پوندو. روس هاڻ يورپ بجاءِ سڌو سنئون آمريڪا سان واپاري ٺاهه ڪندو ۽ ان جي مفادن تي هلڻ شروع ڪندو.

عالمي ماهرن جو تجزيو اهو آهي ته ٽرمپ انتظاميه جو روس- يوڪرين امن منصوبو گهڻو ڪري روس جي مفادن کي تحفظ ڏئي ٿو، جيڪو ٻين لاءِ قبولڻ جوڳو ناهي. ان منصوبي سان يوڪرين پنهنجي وطن مان بي دخل ٿي ويندو، فوج ڪمزور ٿي ويندي. يورپي پابندين جي خاتمي سان روس معاشي طور تي طاقتور ٿي ويندو ۽ يوڪرين ڪمزور ٿي ويندو. رائيٽر ۽ فنانشل ٽائيمز رپورٽ ڪيو ته منصوبو اصل ۾ روسي دستاويز مان ورتل آهي، جنهن کي آمريڪا پنهنجي مسودي ۾ شامل ڪيو. يورپ روسي اثاثا نه ٿا ڏيڻ گهرن.

برطانوي ٿنڪ ٽينڪ چيٿم هائوس سان ڳالهائيندي فوجي، سياسي ماهر اوريسيا ليوٽسويچ چيو ته اصل ۾ يوڪرين کي دٻائي سندن زمين ڦرڻ آهي. ڪيري گيلس چيو ته روس ان منصوبي کي پنهنجي “ميڪسمالسٽ” مطالبن کي جائز بڻائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. مارڪ ولر چيو ته ڪنهن کان زوري زمين کسڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. ڇو جو روس جو قبضو غير قانوني آهي. الجزيره جي هڪ پروگرام ۾ ماهرن چيو آهي ته اهڙي معاهدي سان روس کي موجوده قبضي کي جائز بڻائڻ جو موقعو ملي ٿو. آمريڪا جي سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي ماهرن ياسر اتلان ۽ بينجمين جيسن جو چوڻ آهي ته منصوبو آمريڪا لاءِ به خطري وارو آهي، ڇو ته اهو مغربي اتحاد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو. هنن چيو ته جيڪڏهن يوڪرين کي مجبور ڪيو ويو ته هو انهن علائقن تان هٿ کڻي وڃي، ته اهو مستقبل ۾ ٻين جارح ملڪن لاءِ به مثال بڻجي سگهي ٿو. فرانس 24 نيوز چينل رپورٽ ڪيو آهي ته اصل مسودو به يورپ ۾ سخت مخالفت جو شڪار ٿيو آهي. ان ۾ روسي اثاثن جي پابندين جي خاتمي تي وڏو هنگامو برپا ٿي ويو آهي. 19 نقطن وارو مسودو به يورپي ملڪن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. هتي سرعام ٽرمپ تي پيوٽن جي بي ٽيم هجڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي، پر سپر طاقت هجڻ ڪري هو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن. چين ان منصوبي ته تمام گهڻو محتاط ٿي ويو آهي، ڇو ته منصوبو عالمي طاقت جي توازن کي روس جي حق ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. ان سان عالمي سياست ۾ يورپ کي هاڻ روس سان ويڙهه لاءِ نئين صف بندي ڪرڻي پوندي. يورپ کي هاڻي پنهنجي سلامتي ۽ توانائي جي پاليسي ۾ بنيادي تبديليون ڪرڻيون پونديون، اصل ۾ يورپ جو هاڻ امتحان شروع ٿي رهيو آهي.