روس پاران آمريڪا-ايران ٽياڪڙي جي آڇ: تهران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رهندا: پيوٽن

  روس پاران آمريڪا-ايران ٽياڪڙي جي آڇ: تهران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رهندا: پيوٽن

ماسڪو (م ڊ) روس آمريڪا-ايران ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي، پيوٽن چيو آهي تهران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار رهندا، جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين، ميڊيا رپورٽن موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سينٽ پيٽرزبرگ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي. روسي ميڊيا موجب پيوٽن چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جو پيغام مليو آهي، سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو اميد ته ايراني عوام هن ڏکئي دور مان گذري ويندو ۽ امن قائم ٿيندو، ايران ۽ خطي جي ملڪن جي مفادن ۾ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته روس ايران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو. ملاقات ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته روس – ايران لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي ٻڌل آهي، جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. عراقچي چيو ته هاڻوڪي صورتحال تحت ٻنهي ملڪن ۾ مشاورت ۽ هم آهنگي خاص اهميت رکي ٿي، اسلام آباد جي دوري دوران اختيارين سان هاڪاري صلاح مشورا ٿيا، ڳالهين جي عمل ۾ گهڻين جاين تي اڳڀرائي ٿي هئي، پر آمريڪا جي حد کان وڌيڪ مطالبن سبب مقصد حاصل نه ٿي سگهيا، مخصوص حالتن جو جائزو ورتو ويو، جِن تحت آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکي سگهجن ٿيون، روسي سرڪار جي ترجمان دِمِترِي پَيسڪَوف چيو ته وچ اوڀر جي حالتن جي روشني ۾ ايران مسئلي جي اهميت کي نظرانداز ڪرڻ ڏُکيو آهي، روس ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي، جيئن مستقل يا مستقبل ۾ اهڙي ڪا ڇڪتاڻ نه ٿئي. ايراني پرڏيهي وزير آچر تي اسلام آباد ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات بعد روس ويو هو، ايراني پرڏيهي وزير قطري وزيراعظم سوڌو سعوديه، مصري ۽ فرانسيسي هم منصبن سان به رابطا ڪيا.