| روس پاران آمريڪي ٽيرف رد، ايران سان واپار جاري رکڻ جو اعلان |
ماسڪو (م ڊ) روسي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ايران سان معاشي لاڳاپا ۽ معاهدن تي عمل درآمد جاري رهندو ۽ آمريڪي خطرو ان کي تبديل نه ڪندو. ماسڪو ۾ نميبيا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ سرگئي لاوروف ايران سان واپار تي 25 سيڪڙو آمريڪي ٽيرف جو حوالو ڏيندي چيو ته پنهنجي رويي سان، آمريڪا انهن قاعدن کي نظرانداز ڪري ٿو جن کي هن پاڻ فروغ ڏنو ۽ گلوبلائيزيشن سڏيو، اهو پنهنجي اصولن تي عمل نٿو ڪري. هن چيو ته اهڙو رويو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جا آمريڪي ڀائيوار ناقابل اعتبار آهن ۽ اهي هميشه پنهنجي تيل جي وسيلن کي صرف ۽ صرف پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن.