| روس پاڪستان جي ڀارت ۽ افغانستان سان ڇڪتاڻ جي خاتمي ۾ ڪردار جي آڇ ڪري ڇڏي |
ماسڪو/اسلام آباد (م ڊ) روس پاڪستان ۽ ڀارت ۽ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ماسڪو ۾ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران پاڪستان ۽ روس ٻطرفي ۽ علاقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ايس سي او ميمبر ملڪن جا سربراهه به شريڪ ٿيا. روسي صدر ولادي مير پيوٽن اڳواڻن جي آجيان ڪئي. انهي موقعي تي هن چيو ته خطي ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ چاهيون ٿا. انهي کان پهريان شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ايس سي او هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انساني تعاون ۾ علاقائي سطح تي موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي بهتر صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هڪ فعال ڊيزاسٽر مينجمينٽ نظام تيار ڪيو آهي، علاقائي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ ايس سي او پارٽنرز سان مشقون منعقد ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٻئي طرف پاڪستان ۾ روس جي سفير جو چوڻ آهي ته روس ڀارت ۽ افغانستان سان پاڪستان جي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي چاهيون ٿا.