| روس ۽ چين سلامتي ڪائونسل ۾ آبنائي هرمز کولرائڻ واري بحرين جي قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي |
نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس ۽ چين هرمز کاڙي کولرائڻ واري قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو، عرب ميڊيا موجب آبنائي هرمز کولڻ لاءِ بحرين جي قرارداد تي ووٽنگ لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، قرارداد جي حق ۾ 11 ووٽ آيا جڏهن ته روس ۽ چين قرارداد کي ويٽو ڪيو، پاڪستان ۽ ڪولمبيا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ميڊيا رپورٽ موجب جيڪڏهن قرارداد منظور ٿئي ته ميمبر ملڪن کي آبنائي هرمز کولرائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي اجازت هجي ها. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز کولڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي.