| روس ۾ ايٽمي تجربه ڪرڻ جي تياري شروع، حڪومت پاران تصديق |
ماسڪو (م ڊ) روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف تصديق ڪئي آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن طرفان امڪاني جوهري تجربي جي تياري بابت حڪم تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سرگئي لاروف چيو ته 5 نومبر تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران صدر پيوٽن جي هدايت تي عمل جاري آهي ۽ نتيجن کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو. اهو حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان غير امڪاني اعلان کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن آمريڪا طرفان جوهري تجربا ٻيهر شروع ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو.