روس ۾ پيزا گهرائيندڙ ”هٽلر“ کي جيل جي هوا کائڻي پئجي وئي

روس ۾ پيزا گهرائيندڙ ”هٽلر“ کي جيل جي هوا کائڻي پئجي وئي

ماسڪو (انٽريسٽنگ نيوز) روسي شهر نزني ٽيگيل ۾ هڪ ڪاليج جي شاگرد پيزا آرڊر ڪندي ‘ايڊولف هٽلر’ نالو ٻڌايو جنهن ڪري هو مصيبت ۾ پئجي ويو ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ پنج ڏينهن جيل جي سزا ٻڌائي وئي. پوليس موجب 18 سالن جي ٽيموفي وخونن هڪ مقامي شاپنگ سينٽر ۾ واقع هڪ ريسٽورنٽ مان پيزا آرڊر ڪندي پنهنجو نالو ‘ايڊولف هٽلر’ رجسٽر ڪرايو. هڪ سياسي اڳواڻ اتي موجود هو فوري طور تي پوليس کي رپورٽ ڪئي. شڪايت ڪندڙ مطابق اهو واقعو سندس هڪ دوست جي سامهون پيش آيو جيڪو هڪ اڳوڻو سپاهي آهي ۽ هن ان کي قانون جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو. علائقائي گهرو وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته پوليس شاگرد کي سندس ڪاليج مان حراست ۾ ورتو، جتي هن بغير ڪنهن مزاحمت جي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ پنهنجي عملن تي افسوس جو اظهار ڪيو. معافي به ورتي. جاچ دوران پوليس کي وڌيڪ ثبوت پڻ مليا آن لائن سرگرمين بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي وئي. عدالت شڪي کي نازي علامتن ۽ نالن جي استعمال جي الزام ۾ پنج ڏينهن جيل جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته مقامي ميڊيا موجب کيس تعليمي اداري طرفان ڪارروائي کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.