| روشن ڪناسري کي نيب ڪيسن سبب ترقي نه ملندي: عدالت کي آگاهي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سياحت کاتي جي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو جي ترقي نه ٿيڻ خلاف درخواست تي سيڪريٽري سروسز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جواب ۾ چيو ويو آهي ته روشن ڪناسرو خلاف نيب ڪيس هجڻ سبب سندس پروموشن غور هيٺ ناهي، هوڏانهن درخواستگذار جو چوڻ آهي ته جاچ يا ڪيس ۾ ٻن سالن جو وقت گذرڻ تي ترقي روڪي نٿي سگهجي, درخواستگذار جي وڪيل بئسٽر سرفراز ميتلو چيو ته درخواستگذار جي ترقي قانوني طور تي هن جو حق آهي, دليل ٻڌڻ بعد عدالت سيڪريٽري سروس جي جواب تي درخواستگذار جي وڪيل کان جواب جو جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي کالپر پڪي