| رونالڊو جي فيفا خلاف وڊيو لائيڪ ڪرڻ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو |
واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) پرتگال جو عالمي شهرت يافته فٽبالر ڪرستيانو رونالڊو انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ’لائيڪ‘ ڪرڻ جي ڪري ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. شوقينن نوٽ ڪيو ته رونالڊو انسٽاگرام تي هڪ اهڙي وڊيو کي لائيڪ ڪيو جنهن ۾ فيفافا تي ورلڊ ڪپ دوران ارجنٽينا جي حق ۾ جانبداري ۽ ان کي فائنل تائين پهچائڻ ۾ مدد ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ورلڊ ڪپ دوران ريفري جي ڪجهه فيصلن تي پهريان ئي سوال اٿاريا ويا هئا جن ۾ مصر جي خلاف هڪ تڪراري فيصلو به شامل هو. جيتوڻيڪ فيفا انهن الزامن تي ڪو به باضابطه موقف اختيار ناهي ڪيو، تنهن هوندي به سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي بحث جاري آهي. واضح رهي ته پرتگال جي ٽيم پري ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين جي هٿان شڪست کانپوءِ ٻاهر ٿي وئي هئي جنهن کانپوءِ 41 سالن جي رونالڊو تصديق ڪئي هئي ته اهو سندس ڪيريئر جو آخري ورلڊ ڪپ هو. هن چيو ته هو مايوس ضرور آهي پر پوري ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ تي مطمئن آهي جڏهن ته مستقبل بابت فيصلو بعد ۾ ڪندو.