رونالڊو جي هالي ووڊ ۾ انٽري، فٽبال ڊراما سيريز ۾ اداڪاري ڪندو

رونالڊو جي هالي ووڊ ۾ انٽري، فٽبال ڊراما سيريز ۾ اداڪاري ڪندو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ٻي ڪاسٽ ۾ اڳوڻو فرينچ اسٽار ٿيئري هنري، اداڪار ڊيمين ليوس، برطانوي ريپر ڊيو ۽ اداڪاره ڪارلوٽا بنات شامل آهن پرتگال جي عالمي شهرت يافته فٽبالرڪريسٽيانو رونالڊو راند جي ميدان ۾ بيشمار ڪاميابين بعد هاڻي هالي ووڊ جو رخ ڪري ورتو آهي. النصر جو ڪپتان پنهنجي پهرين اسڪرپٽڊ ٽي وي سيريز ’ڊي ونز‘ ذريعي انٽرٽينمينٽ جي دنيا ۾ قدم رکي رهيو آهي جتي هو صرف اداڪار ئي نه بلڪه ايگزيڪٽو پروڊيوسر جي ذميواري به نڀائي رهيو آهي. اها سيريز رونالڊو جي گڏيل پروڊڪشن ڪمپني ’يو آر-مارو اسٽوڊيوز‘ تيار ڪري رهي آهي جنهن کي هن معروف هدايتڪار ميٿيو وان سان گڏجي قائم ڪيو هو. ميٿيو وان ان کان اڳ ڪئي ڪامياب فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪو آهي. ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ اڳوڻو فرينچ اسٽار ٿيئري هنري، اداڪار ڊيمين ليوس، برطانوي ريپر ڊيو ۽ اداڪاره ڪارلوٽا بنات شامل آهن. ڪهاڻي هڪ فرضي فٽبال ايجنٽ اسٽينلي ڊالٽن جي گرد گھومي ٿي جيڪو جديد فٽبال جي چمڪ ڌمڪ پويان لڪيل طاقت جي سياست ۽ سخت مقابلي جو سامنا ڪري ٿو. برطانوي ميڊيا موجب شو جي شوٽنگ اتر-غربي لنڊن ۾ جاري آهي جڏهن ته ماهرن جو خيال آهي ته اها سيريز اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ فٽبال جي دنيا جو هڪ منفرد ۽ سنجيده رخ ناظرين جي آڏو پيش ڪندي.