رونالڊو پوئتي سوشل ميڊيا تي وينيشيئس جونيئر سڀ کان مقبول فٽبالر

رونالڊو پوئتي سوشل ميڊيا تي وينيشيئس جونيئر سڀ کان مقبول فٽبالر

لنڊن (اسپورٽس نيوز) برازيل جو نوجوان اسٽار فٽبالر وينيشيئس جونيئر آن لائن سڀ کان وڌيڪ مشهور رانديگر بڻجي ويو. پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو کي پوئتي ڇڏي ويو. وينيشيئس جونيئر هڪ مهيني ۾ پنهنجي انسٽاگرام فالوورز ۾ 1.5 ملين جو اضافو ڪيو ۽ هڪ مهيني ۾ وينيشيئس بابت 314,000 ميڊيا رپورٽون اپ لوڊ ڪيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انسٽاگرام تي وينيشيئس جا هيش ٽيگ 1.4 ملين هئا. پرتگال جو ڪرسٽيانو رونالڊو آن لائن مقبوليت ۾ ٻئي نمبر تي آيو. وينيشيئس جونيئر عالمي فٽبال رينڪنگ ۾ 46 هين نمبر تي آهي جڏهن ته ڪرسٽيانو رونالڊو پهرين نمبر تي آهي.

 فرانس جو ڪائلين ايمباپي مشهور رانديگرن جي فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي.