رونشي خاطر حملو: آمريڪي ساک خراب ٿي سگهي ٿي: تجزياڪار

رونشي خاطر حملو: آمريڪي ساک خراب ٿي سگهي ٿي: تجزياڪار

دوحا (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تھ رونشي خاطر ايران جي خارگ ٻيٽ تي بمباري جاري رکي سگھجي ٿي تي تبصرو ڪندي چيو ويو آھي تھ اھڙا بيان نار جي ملڪن لاءِ آمريڪا جي قابل اعتماد سيڪيورٽي پارٽنر طور ساک کي خراب ڪري سگهن ٿا. تجزيا ڪار سمير پوري الجزيرھ سان ڳالھائيندي چيو تھ جڏهن ڪو وڏو سپر پاور سيڪيورٽي گارنٽي ڏئي ٿو تھ اھا ذميواري بھ آھي اھڙن بيانن سان نار جا ملڪ سوال ڪري سگھن ٿا تھ ڇا آمريڪا هڪ مستحڪم ڊگهي مدت جو ساٿي آهي. ھن چيو تھ آمريڪا جو بچاءُ سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ بھ ايران ۾ تباهي تي تمام گهڻي خوشي جو اظھار ڪري چڪو آھي. خليجي رياستن ۾ سوال اهو هوندو ته ڇا آمريڪا خطي ۾ استحڪام برقرار رکي سگهي ٿو.