| روهت هٽي ويو، ڪوهلي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ بادشاهي، بابر جو ڇهون نمبر |
دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ليجنڊ بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي رينڪنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين پوزيشن تي اچي ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب ويرات ڪوهلي پنهنجي ئي ملڪ جي روهت شرما کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل هڪ درجو ترقي ڪندي ٻي پوزيشن تي اچي ويو آهي، روهت شرما ٻه درجا پوئتي ٿي ٽين پوزيشن تي هليو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي بابر اعظم جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي. بالرن ۾ راشد خان پهرئين، آرچر ٻي ۽ ڪلديپ ياديو ٽين پوزيشن تي آهن، جڏهن ته پاڪستان جو ابرار احمد نائين نمبر تي آهي. ٽي 20 رينڪنگ ۾ صائم ايوب 269 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي هليو ويو جڏهن ته زمبابوي ڪپتان سڪندر رضا 289 پوائنٽس سان ٽي 20 آل رائونڊر رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.