| روهڙي بس ٽرمينل فعال نه ٿيو: ٽرانسپورٽر سيڪريٽري جا وارنٽ |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران روهڙي بس ٽرمينل فعال ڪرڻ ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ بڪنگ آفيسون بند ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا 15 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي ٻه رڪني آئيني بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ۾ درخواستگذار راحب ملاڻو، علي حسن مستوئي، وڪيل سرفراز آخوند، آر ٽي سي سکر فياض منگي، عملدار رياض سولنگي واسطيدار پيش ٿيا. عدالت سيڪريٽري ٽرانسپورٽ جي غير موجودگي بابت پڇاڻو ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري ڪابينا اجلاس ۾ ويل آهي، اِن ڪري پيش ناهي ٿي سگهيو. جنهن تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان سيڪريٽري کي طلب ڪيو آهي ايڊيشنل سيڪريٽري کي طلب ناهي ڪيو پوءِ اوهان ڇو پيش ٿيا آهيو. عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي صوبائي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 15 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.