روهڙي ريلوي اسٽيشن جي بحالي لاءِ سوا ارب جي منظوري

 روهڙي ريلوي اسٽيشن جي بحالي لاءِ سوا ارب جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ڪابينا گھوٽڪي جي علائقي کنڀڙا ۾ پوليس اسٽيشن ۽ ايمرجنسي ڪيمپ قائم ڪرڻ لاءِ اوٻاوڙي  ۾ مير ڪوش ريگيوليٽر ۽ گهنڊي ۾ آبپاشي کاتي جي 6 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ موجوده ٿاڻي کي پوليس پوسٽ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جيئن علائقي جي ماڻهن کي پوليس سهولتون بنا رڪاوٽ فراهم ٿينديون رهن۔ڪابينا هن منصوبي کي اسٽريٽجڪ اهميت جو حامل قرار ڏيندي مجموعي طور 125.611 ملين رپين جي لاڳت جي منظوري ڏني۔ ان مان 70 ملين رپيا نئين عمارت ۽ ايمرجنسي ڪيمپ لاءِ رکيا ويا آهن، جڏهن ته باقي 55.611 ملين رپيا ايندڙ مالي سال ۾ جاري ڪيا ويندا۔ اجلاس ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپگريڊيشن لاءِ پڻ فنڊز جي منظوري ڏني وئي۔ هي منصوبو لوڪل گورنمينٽ کاتي تحت مڪمل ڪيو ويندو، جنهن جي ڪل لاڳت 1,277.16 ملين رپيا آهي۔ هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ بالترتيب 40 ۽ 60 سيڪڙو خرچ ورهايو ويندو،