روهڙي مان ريسڪيو ٽرين رواني، اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي: ڊي ايس ريلوي

آگسٽ 6, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان چيو آهي ته روهڙي مان  ريسڪيو ٽرين امدادي ڪمن لاءِ رواني ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته  اپ ٽريڪ بند ڪيو آهي

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي  ڊي ايس ريلوي چيو ته ريسڪيو ٽرين کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ 2 کان اڍائي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا  مقامي ريلوي انتظاميا کي فوري امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي آهي

سندس چوڻ هو ته حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر في الحال حادٿي جو سبب معلوم ناهي ٿيو، جيڪڏهن لاپرواهي ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment