روهڙي واري پل ۽ ”هو جمالو“ واري ڏند ڪٿا جي حقيقت … ممتاز بخاري

                 سنڌ جو ”هو جمالو“ گيت دنيا ۾ اهڙو مقبول آهي، جو ان جي وڃڻ شرط ئي، انهن ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ جو ئي تصور اڀري ايندو آهي، جيڪي سنڌ جي ثقافت بابت ٿورڙي به ڄاڻ رکن ٿا. هي گيت واقعي لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ صدين کان وٺي هر دؤر جو لوڪ پنهنجي وقت جي خوشيءَ وارن لمحن کي شاعراڻي انداز ۾ موسيقيءَ جو رنگ ڏيئي اپٽاريندو رهيو آهي. سنڌ ڇا دنيا جي هر شهر ۾ ماڻهو ماڳن، شين ۽ فردن جا نالا وجهي پنهنجي خوشين کي ٻيڻو ڪندا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان هڪ لينسڊائون پل روهڙي – سکر واري پل بابت ڏند ڪٿا زور پڪڙيو، خاص ڪري سوشل ميڊيا جي پوسٽن، ولاگن ۽ اسٽوريز ۾ بنا ڄاڻ جي ڀرمار ڪئي ويئي. هو جمالو ۾ ”سکر واري پل“ جي حوالي سان ”کٽي اچڻ” کي ان ڳالهه سان منسوب ڪيو ويو ته جڏهن لينسڊائون پل جُڙي راس ٿي ته ان مٿان ريل گذارڻ لاءِ ڪو ڊرائيور تيار نه ٿيو ته جيل موجود هڪ موت جي سزا کاڌل قيديءَ کي چيو ويو ته اهو اتان ريل گذاريندو ته سندس سزا معاف ڪئي ويندي. هڪ قيدي اها آڇ قبول ڪئي ۽ ان ريل گذاري. ان قيديءَ جو نالو جمال هو, جيڪو گيت ۾ اچي جمالو ٿي ويو. حقيقت ۾ اها رڳو ڏندڪٿا آهي. هڪ ڪوڙ کي سچ بڻايو پيو وڃي. ان گيت جي قدامت جي تاريخ تي نه ٿا وڃون. رڳو ان جي هڪڙي ڏندڪٿا جي اُکيل ڪريون ٿا، جيڪا ”سکر واري پل“ سان جڙيل آهي. ان جا دليل طور سبب هي آهن:لينسڊائون پل جو سکر وارو چينل 1888ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن  تان ريل جي گاڏن ۾ پٿر وجهي گذاريو ويو, جنهن جون تصويرون موجود آهن. اها پل ننڍڙي آهي. ٻي مُک پل روهڙي چينل سڏبو آهي, جيڪو 1889ع ۾ کليو. ان وقت جي ريل مينوئل موجب انجڻ ڪو به سيکڙاٽ نه هلائي سگهندو هو، ڪيترين ئي مهينن جي ٽريننگ بعد ئي ڪنهن لاءِ ممڪن هوندو هو ته ريل جو انجڻ هلائي.

جڏهن 1880ع ۾ لينسڊائون پل جو افتتاح ٿيو ته سکر ۾ ڪو به جيل نه ھو. ته پوءِ موت يا عمر قيد جي سزا آيل قيدي ڪٿان آيو؟ سکر ۾ 1925ع ۾ جيل ٺهيو. ان کان اڳ حيدرآباد ۾ هو يا وري خيرپور ميرس جي ڪوٽڏيجي قلعي ۽ فيض محل ۾ ان وقت جيل هئا.

لينسڊائون پل روهڙيءَ ۾ آهي ويهارو سال اڳ ان کي ”روهڙي واري پل“ يا وري ”قينچي واري پل“ سڏيو ويندو هو. جمالي گيت ۾ پوءِ ان کي ”سکر واري پل“ ڪيئن چئبو، جيتوڻيڪ 1941ع ۾ ڇپيل ”سکر سونهارو“ ڪتاب ۾ به اهڙي ڏندڪٿا آهي ته هڪ قيديءَ کي ريل گذارڻ لاءِ چيو ويو پر ان ۾ اهو ناهي ته اهو جمالو هو. ڪتاب ۾ به ان کي ٻڌ سڌ چيو ويو آهي. سکر واري پل اصل ۾ سکر بيراج آهي، جيڪو 1932ع ۾ جڙي راس ٿيو، ان حوالي سان البته مشهور صحافي مرحوم شبير ”بيدار“ ڀُٽي جو ڪالم ”سکر واري پل تان“ ضرور مشهور رهيو آهي، جيڪو بيراج واري پل جي حوالي سان منسوبيت رکندڙ هو. انهن ڪالمن تي آڌاريل سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهي.

هاڻ اچون ٿا ان ڳالهه ڏانهن جيڪا لکت ۾ موجود آهي. سنڌ جي مشهور تاريخدان رحميداد خان مولائي شيدائي جي 2007ع ۾ مولائي شيدائي اڪيڊمي سکر پاران ڇپيل ڪتاب ”سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ“ جي صفحي نمبر 5 تي شير محمد بلوچ بابت ڄاڻ ڏنل آهي، جيڪو مولائي شيدائي جو والد هو:

”شير محمد خان تمام بهادر ماڻهو سمجهيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سن 1888ع ۾ لينسڊائون پل ٺهڻ کانپوءِ هو پهريون هندستاني ڊرائيور هو، جنهن ان پل تان ريل گاڏيءَ کي گذاريو.“

مولائي شيدائي پنهنجي والد شير محمد بروهيءَ بعد ريلوي ۾ ملازم ٿيو. هو هڪ جاکوِڙي تاريخدان هو. ان پنهنجي پيءَ کان اها ڳالهه ٻڌي لکي هوندي يا وري ريلوي ۾ هجڻ سبب کيس اها ڄاڻ هوندي. ان ڪري سنڌي گيت ”هو جمالي“ وارو جمال ڪو به اهڙو قيدي نه هو جنهن روهڙيءَ واري عرف قينچي واري پل تان ريل گذاري هجي.

ويندي ويندي: لڳي ايئن ٿو ته سنڌ جي تاريخ سان به ”هو جمالو“ واري ڪار ٿيندي رهي آهي، جو جنهن کي جيڪو آيو اهو سنڌ جي تاريخ ۾ هٿ ٺوڪيو مواد داخل ڪندو ويو آهي، جيئن هن لوڪ گيت ۾ هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان مصراعون داخل ڪندو رهيو آهي يا راڳي سامهون واري موجود صورتحال موجب ان ۾ پنهنجون ٺاهيل سٽون، نالا، شيون ۽ جايون داخل ڪندا رهندا آهن.