روهڙي ويجهو چوري ڪوشش، مزاحمت تي گهر ڌڻي قتل، هڪ چور مارجي ويو، 2 سوگها

جنوري 5, 2025

روھڙي (رپورٽ: اي ڊي گهنڃو) روهڙي ويجهو گهر مان چوپايو مال ڪڍڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي گهر ڌڻي قتل، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور به مارجي ويو، عورت سميت 4 گهر ڀاتي ۽ 2 چور زخمي، ڀاڳين ٻن چورن کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب لال محمد خان پنهوار جي فارم ڳوٺ عبدالصمد پنهوار ۾ نامعلوم چورن امان الله پنهوار جي گهر اندر گهڙي مينهون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا، مزاحمت تي چورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب گهر ڌڻي نوجوان اڪبر علي پنهوار مارجي ويو، جڏهن ته ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هڪ چور عارف جاگيراڻي به مارجي ويو، فائرنگ جو آواز ٻڌي ڳوٺاڻن چورن جو گهيرو تنگ ڪيو، ڀاڳين ۽ چورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا اختر پنهوار، اصغر پنهوار ۽ راڻو پنهوار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويل چور جا 2 ساٿي نور محمد جاگيراڻي ۽ گلاب جاگيراڻي پڻ زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن زخمي چورن کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد دبر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، دبر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي ۽ مارجي ويل چور جا لاش ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ روهڙي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد ڳوٺاڻي جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Leave A Comment