| روهڙي ويجھو چورن سان مزاحمت تان 2 ڀاڳيا قتل، مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ |
روهڙي(ن پ ا) روهڙي ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊپٽي ساوند ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي نامعلوم هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي مينهون چورائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀاڳين جي مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڀاڳيا قتل ۽ هڪ ڄڻو زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته پوليس مقابلي دوران هڪ چور کي مارڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي. ان ڏس ۾نامعلوم هٿياربند چور (مينهون) چورائڻ جي ارادي سان ساوند برادري جي گهرن ۾ داخل ٿيا ته گهر ڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي چورن سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مختيار ساوند ۽ عبدالشڪور ساوند ٿڏي تي ئي گولين جو کاڄ بڻجي قتل ٿي ويا، جڏهن ته محمد صديق ساوند سخت زخمي ٿي پيو. واقعي بعد پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو، جتان زخمي محمد صديق ساوند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. ساوند برادري جي ماڻهن موجب، فائرنگ دوران ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن مان ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پوليس موجب، جوابدارن جو پيرو ڪندي پوليس ۽ چورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ چور مارجي ويو مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ڳوٺ قابل جاگيراڻي جي رھواسي آزاد جاگيراڻي طور ڪئي وئي آهي. پوليس چور جي قبضي مان هٿيار پڻ برآمد ڪيا آهن، جڏهن ته لاش پوليس تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو ايس ايس پي سکر اظهر مغل جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري تائين علائقي ۾ آپريشن جاري رهندو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي پڻ جاري آهي. هوڏانهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ڀاڳين جي وارثن جو چوڻ آهي ته سکر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو ٽائيم ورتو آهي جيڪڏهن پوليس ورتل وقت دوران جوابدار گرفتار نه ڪيا ته قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري قاتلن جي گرفتاري تائين ويهي رهنداسين.