روهڙي ڀرسان خوني تڪرار تان 3 ڄڻا قتل
جُون 7, 2025
روهڙي (پنهنجي ڊيسڪ ) روهڙي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان هڪ ٻئي تي فائرنگ،3 ڄڻا مارجي ويا، روهڙي جي ڳوٺ خرم جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مشغول جاگيراڻي،ڄام جاگيراڻي ۽ ارشاد جاگيراڻي مارجي ويا، ڌرين پاران هڪ ٻئي تي جديد هٿيارن سان حملا ڪيا ويا آهن، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.