روهڙي ۾ اڌڙوٽ ڦاهو کائي ڇڏيو

جُولاءِ 2, 2025

روهڙي ( پنهنجي ڊيسڪ)   روهڙي ۾ اڌڙوٽ شخص ڦاهو کائي مبينا طور زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، ڪنڌرا ناڪي جي رهواسي بشير عرف بابو چنو گهريلو اڻبڻت تان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مبينا آپگهات ڪندڙ شخص جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو،  واقعي بابت پوليس جو چوڻ هو ته پورهيت گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهايو آهي،ٻڌايو پيو وڃي ته بشير چنو ڪجهه وقت اڳ گهر واري کي طلاق ڏيڻ بعد پريشان رهندو هو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت