روهڙي (رپورٽر) روهڙي ۾ حضرت قادر بخش بيدل جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو 155 ھون عرس شروع، گادي نشينن ۾ جھيڙو، زيارتين ۾ ڀاڄ، 20 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار
حضرت قادر بخش بيدل جي عرس ۾ گادي نشين جي ٻنهي ڌرين ۾ چادر چاڙهڻ کان پھريان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي
سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻيا درگاهه تي چادر چاڙهڻ لاءِ پهتا ته ٻنهي گادي نشينن جا ماڻهو آمهون سامهون ٿي ويا
جهيڙي جي ڪري چادر چاڙهڻ لاءِ آيل سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ڊي سي سکر واپس روانو ٿي ويا، پوليس ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو
درگاهه تي ڇڪتاڻ دوران آيل زائرين ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پوليس درگاهه کي خالي ڪرائي ڇڏيو آهي، درگاهه تي گادي نشينيءَ تان ٿيل ڇڪتاڻ بعد وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي
واضح رهي ته بيدل بيڪس درگاهه جي گادي نشين ۾ سالن کان جهيڙو ھلندڙ آهي ۽ معاملو ڪورٽ تائين پھتل آهي، گادي نشينن جي ھڪ ڌر جو اڳواڻ ميان نجف قريشي ۽ ٻي ڌر جو محمد محسن قريشي آهي