روهڙي ۾ ماتمي جلوس لاءِ ويندڙ نوجوان ٽرين تان ڪري فوت

جُولاءِ 5, 2025

گمبٽ (پنهنجي ڊيسڪ )گمبٽ ڀرسان فقير آباد ريلوي اسٽيشن تي نوجوان علي رضا ماڇي ٽرين تان ڪري فوت ٿي ويو. نوجوان جو مڙھه حد پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

فوتي نوجوان ڪوٽ لالو جو رھواسي آهي، جيڪو ٽرين جي مٿان سوار ٿي روهڙي وڃي رهيو هو، ته اچانڪ ڪري پيو. جيڪو فوت ٿي ويو آهي.

پوليس موجب فوتي نوجوان جو مڙهه گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر ۾ پيل آهي. نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب