روينا ميگهواڙ ڪراچي مان بازياب: نڪاح جا دستاويز به ظاهر

جُون 10, 2023

ٽنڊو الهيار(رپورٽ: نيازخاصخيلي)پنهنجي اخبار ۾ خبر ڇپجڻ بعد آئي جي سنڌ پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پوليس ٽنڊو الهيار ويجهو اغوا ٿيل ناري روينا ميگهواڙ کي ڪراچي مان بازياب ڪرائي ورتو

ڪجھه ڏينهن اڳ سنجرچانگ مان زبردستي اغوا ڄاڻايل هندو ناري روينا اسلام قبول ڪري جمع خان پٺاڻ سان نڪاح ڪرڻ جا دستاويز سوشل ميڊيا تي ڇڏيا هئا ۽ روينا جو اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ سندس نالو عائشه ڄاڻايو ويو آهي

ايس ايس پي سيد سليم شاھه جي پوليس ٽيم ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي روينا ميگهواڙ کي  بازياب ڪرائي  چمبڙ جي عدالت ۾ سخت سيڪورٽي هيٺ پيش ڪيو

 جمع گل پٺاڻ ۽ روينا جي پيشي وقت هندو برادري جا وڏي تعداد ۾ ماڻھو پڻ پهچي ويا،پوليس جي وڏي نفري ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ چمبڙ جي عدالت ٻاهران موجود رهي

ناري کي ڪراچي مان بازياب ڪرائڻ بعد چمبڙ جي عدالت ۾ 164 بيان قلم بند ڪرائڻ لا۽ پيش ڪيو ويو  جٿي مئجسٽريٽ نه هجڻ جي ڪري سومر 12 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

عدالت ٻاهران موجود ناري جي وارثن ۽ ھندو برادري جي اڳواڻن الزام هنيو ته جمع خان پٺاڻ اصل ۾ افغانستان جو رهواسي آهي جنهن بابت ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي جاچ ڪرڻ گهرجي

Leave A Comment