روينيو جو ڪارنامو: اويڪيو ٽرسٽ جي ڪروڙن جي زمين به الاٽ: ايف آءِ اي پاران جاچ شروع 

روينيو جو ڪارنامو: اويڪيو ٽرسٽ جي ڪروڙن جي زمين به الاٽ: ايف آءِ اي پاران جاچ شروع 

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) روينيو اختيارين جو ڪارنامو، اويڪيو ٽرسٽ جي زمين جو مبينا جعلي الاٽمينٽ ليٽر جاري ٿيڻ جو اسڪينڊل ظاهر، ايف آءِ اي  پاران جعلي الاٽمينٽ جي جاچ شروع، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي جي سروي نمبر 367 ديهه دجرو ۾ اويڪيو ٽرسٽ جي ملڪيت جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري معاملي جي ايف آءِ اي اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي جي اختيارين ڪجهه هفتا اڳ ايف آءِ اي اختيارين ڏانهن شڪايتي خط اماڻيو ويو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته امل ڪهان ۽ آواز گل غيرقانوني طور تي 2 ايڪڙ ايراضي تي قبضو ڪيو آهي، خط ۾ شڪايت ڪئي وئي ته قبضو ڪندڙ ڌرين پاران بورڊ آف روينيو ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن طرفان مبينا طور جاري ڪيل الاٽمينٽ وارا ڪاغذ به ظاهر ڪيا ويا آهن، اويڪيو ٽرسٽ اختيارين درخواست ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن ٽرسٽ جي ملڪيت قبضي کان بچي سگھي. ايويڪيو ٽرسٽ اختيارين جي اهڙي خط کانپوءِ ايف آءِ اي روينيو کاتي کان زمين جي الاٽمينٽ جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.