| روينيو پوسٽن لاءِ لکت امتحان جا نتيجا جاري، 14 اميدوار ڪامياب |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران بورڊ آف رينيو ۾ مختلف پوسٽس لاءِ ورتل تحريري امتحان جا نتيجا جاري ڪيا ويا، مجموعي طور 34 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ، لينڊ ايڊمنسٽريشن اينڊ روينيو مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم ، بورڊ آف روينيو سنڌ ۾ نيٽورڪ ايڊمنسٽريٽر اسسٽنٽ مئنيجر آءِ ٽي بي پي ايس 16 ۽ ڊولپر (بي پي ايس 16 ) جي تحريري امتحانن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ مجموعي طور 34 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن کي مقرر وقت اندر پنھنجا گھربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي ، جنھن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ زباني امتحان (انٽرويو) جو شيڊيول جاري ڪيو ويندو. هوڏانهن ڪامياب اميدوارن جا تفصيل، رول نمبر ۽ حاصل ڪيل مارڪس پڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا.