روينيو کاتي جو ڪارنامو: 20سالن ۾ به لينڊ رڪارڊ محفوظ نه ٿيو: اسڪيم پاڻمرادو بند 

روينيو کاتي جو ڪارنامو: 20سالن ۾ به لينڊ رڪارڊ محفوظ نه ٿيو: اسڪيم پاڻمرادو بند 

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جو بورڊ آف روينيو 20 سالن ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اربين رپين جي سرڪاري ۽ خانگي زمينن جو 150 سالن جو پراڻو لينڊ روينيو رڪارڊ مڪمل طور تي محفوظ نه ڪري سگهيو.کاتي امپورٽڊ ليمينيشن پيپرن جي کوٽ ۽ 150 سال پراڻو رڪارڊ مڪمل طور تي نه ملڻ جا سبب ڄاڻائي 486 ملين رپين جو منصوبو مڪمل ڪرڻ بنا ئي جون 2025ع ۾ بند ڪري رڳو 100 ملين رپيا واپس ڪري ڇڏيا. ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سال 2023ع ۽ 2024ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ پاران اعتراض اٿاريو ويو ته بورڊ آف روينيو پاران سال 2005ع ۾ 486.889 ملين رپين سان 150 سال پراڻي روينيو ريڪارڊ کي محفوظ بڻائڻ لاء اسڪيم شروع ڪئي، جنھن تي 2024ع تائين 328 ملين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود اسڪيم جا مقصد حاصل نه ٿيا ۽ ڪو نتيجو نه نڪتو، منصوبي لاءِ ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن تي هر سال لکين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اسڪيم کي مڪمل نه ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف به ڪو قدم نه کنيو ويو.  پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇا ڪئي ته 150 سال پراڻو رڪارڊ مڪمل طور محفوظ ڇو ناهي ٿيو،  اسڪيم مڪمل ٿيڻ کان اڳ  بند ڇو ڪئي وئي؟  جنهن تي روينيو اختيارين ٻڌايو ته اسڪيم تحت پراڻي رڪارڊ کي ڪيميڪل ٽريٽمينٽ ۽ ڊجيٽل اسڪيننگ ذريعي محفوظ ڪرڻ لاءِ 2005ع ۾486 ملين رپين جي اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، جنهن تي 20 سالن ۾ 328 ملين رپيا خرچ ٿيا، 2010ع ۾ سنڌ جي 130 مختيارڪار آفيسن ۾ موجود روينيو رڪارڊ اسڪينگ ذريعي محفوظ ڪيو ويو، رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 80 سيڪڙو لينڊ رڪارڊ محفوظ ٿي سگهيو بورڊ آف روينيو ٻڌايو ته انهي اسڪيم تحت لينڊ رڪارڊ جي هڪ ڪروڙ صفحن مان 8 لک صفحا ۽ 19 هزار نقشن مان 5 هزار نقشا محفوظ ڪيا ويا، باقي پراڻو رڪارڊ موجود نه هجڻ سبب محفوظ نه ٿي سگهيو. اختيارين چيو ته ڪيميائي ٽريٽمينٽ جي قيمتون وڌڻ، امپورٽڊ ليمينيشن پيپر جي کوٽ ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب جون 2025ع ۾ اھا اسڪيم بند ڪري 100 ملين رپيا واپس ڪيا ويا، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي وٽ پي سي 4 جمع ڪرائي وئي. ڪاميٽي ميمبر خرم ڪريم سومرو چيو ته بورڊ آف روينيو آڊٽ کي رڪارڊ فراهم ڇو ناهي ڪيو؟. جنھن تي روينيو کاتي پي اي سي ٻڌايو ته جيترو لينڊ روينيو ريڪارڊ موجود ھو، اھو 80 سيڪڙو محفوظ ٿي ويو آھي. پي اي سي بورڊ آف روينيو کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ سرڪاري ۽ خانگي زمينن جو رڪارڊ عوام لاءِ دستياب ڪيو وڃي.