روينيو کاتي ۾ گريڊ1 کان 15 تائين ترقين لاءِ ڪميٽي قائم

روينيو کاتي ۾ گريڊ1 کان 15 تائين ترقين لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي گريڊ هڪ کان گريڊ 15 تائين جي ملازمن جي ترقين لاءِ نئين سِر ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڪاميٽي بورڊ آف روينيو جي ماتحت ادارن جي هڪ کان 15 گريڊ جي ملازمن جي ترقين جا معاملا ڏسندي.جڏهن ته ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري روينيو سميت 4 ميمبر مقرر ڪيا ويا. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي پاران صوبائي سطح تي روينيو ۽ ماتحت ادارن جي ملازمن جي ترقين وارا معاملا اُڪلايا ويندا.