روٽي ڪپڙا مڪان پهرين هتي ته ڏيو پوءِ نيويارڪ وڃو: عظميٰ بخاري

روٽي ڪپڙا مڪان پهرين هتي ته ڏيو پوءِ نيويارڪ وڃو: عظميٰ بخاري

لاهور(م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ظهران ممداني جي نيو يارڪ جو ميئر چونڊجڻ تي سڀ خوش آهن، پر اسان وڌيڪ خوش آهيون، عظميٰ بخاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلز پارٽي چئي رهي آهي ته هن ڪاميابي ۾ انهن جو روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو به حصو وجهو، هن وڌيڪ چيو ته قاسم گيلاني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، پر پهرين هتي اهو ڏين ته پوءِ نيو يارڪ وڃن، سنڌ جي معاملن تي ڳالهايون ٿا ته اوهان پويان ئي پئجي وڃو ٿا، منهنجي خلاف ته اڳ ئي شڪايتون تمام گهڻيون لڳائن ٿا.