اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ هڪ عورت موٽر وي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي ۽ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
موٽر وي پوليس ترجمان موجب واقعو پهرين جنوري تي پيش آيو هو ۽ عورت ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت کي موٽر وي پوليس روڪيو ته ان جو اهلڪارن سان تڪرار شروع ٿي ويو
وڊيو ۾ عورت کي تيزي سان موٽر وي پوليس اهلڪار تي گاڏي چاڙهي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو
پوليس ذريعن موجب اڻڄاتل عورت خلاف راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، اڃا گرفتاري ناهي ٿي