| رياستي ادارن تي الزام: وزيراعليٰ ڪي پي خلاف ڪيس داخل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر اسلام آباد ۾ پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ رياستي ادارن خلاف نفرت، گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙڻ جو الزام آهي، سهيل آفريدي تي ڪوڙن ۽ بي بنياد بيانن تي ٻڌل وڊيوز سوشل ميڊيا تي هلرائڻ جو به الزام آهي، ايف آءِ آر جي متن موجب رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي ساک جي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سهيل آفريدي اڊيالا جيل ٻاهران رياستي ادارن خلاف ڪوڙ تي ٻڌل ٻولي ڳالهائي، پي ٽي آءِ جي آفيشل پيج تان به رياستي ادارن خلاف وڊيوز رکيون ويون.