رياستي سلامتي لاءِ ڍال بڻيل رهنداسين، دهشتگرد گروهه افغانستان مان ڪارروايون ڪري پيو: آرمي چيف
مارچ 7, 2025
راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج رياستي سلامتي ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردي خلاف ڍال بڻيل رهندي، بنون حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي جوانن ترُت انجام تي پهچايو، حملي جا منصوبي ساز ۽ سهولتڪار ڪٿي به هجن، جلد کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، آرمي چيف جنرل عاصم منير جي بنون پهچي ويو، ان موقعي تي جوانن سان ڳالهائيندي هن چيو ته عورتن، ٻارن ۽ معصوم شهرين تي حملا خوارج جي اسلام دشمن ارادن کي وائکو ڪن ٿا، فوج عوام جي حفاظت ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بنون ڪينٽ جي دوري دوران فوجي جوانن جي بُلند حوصلي جي ساراهه ڪئي، سي ايم ايڇ بنون ۾ 4 مارچ تي خوارج جي ناڪام حملي دوران زخمي ٿيل جوانن سان عيادت ڪئي آرمي چيف کي جاري آپريشنز ۽ علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.