رياست حڪومت ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف، ادارا مخالفن پويان آهن، 3 وزيراعظم ماريا ويا، ڇا ٿيو، ڪنهن کي سزا ملي؟ سپريم ڪورٽ

ڊسمبر 21, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قتل ڪيس جي جوابدار اسحاق جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين رياستي ادارا پوليٽڪل انجنيئرنگ ۾ هوندا، اهو ئي حال هوندو، آئين تي عمل ٿئي ها ته هي حالتون نه هجن ها، ماڻهن کي ادارن تي يقين ناهي رهيو، ماڻهو چاهين ٿا ته سڀ ڪم سپريم ڪورٽ ڪري، رياست حڪومت ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2017ع کان هي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، رياست حڪومت ڪيرائڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، سمورا رياستي ادارا سياسي مخالفن جي پويان پئجي ويا آهن، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته رياست جي ڪهڙي ڳالهه ڪيون، ٽي وزيراعظم ماريا ويا آهن، ٽنهي وزيراعظم جي ڪيسز جو ڇا ٿيو ؟ بلوچستان ۾ سينيئر ترين جج به ماريو ويو، ڪا خبر نه پئي، اصل ڳالهه آهي ته ته ڪجهه ڪرڻ جي خواهش ناهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ جاچ انتهائي ناقص آهي، جستائين رياستي ادارا پوليٽيڪل انجنيئرنگ ۾ هوندا، اهو ئي حال هوندو، ماڻهن کي ادارن تي يقين ناهي رهيو، ماڻهو چاهن ٿا ته سڀ ڪم سپريم ڪورٽ ڪري،  جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين تي عمل ٿئي ها ته هي حالتون نه هجن ها، 40 سالن بعد چونڊيل وزيراعظم جي قتل جو اعتراف ڪيو ويو، وزيراعظم جي قتل کان وڏو ڪهڙو ڏوهه ٿي سگهي ٿو ؟ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ گهرجي ها، جسٽس ملڪ شهزاد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم جو اهو حال هوندو ته عام ماڻهو جو ڪهڙو هوندو، وزيراعظم هڪ ڏينهن وزيراعظم هائوس ته ٻئي ڏينهن جيل ۾ هوندو آهي، ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي ته ڪهڙي وزيراعظم کي ڪيترا ڏينهن رهڻو آهي.  سپريم ڪورٽ پوليس کي جوابدار اسحاق کي گرفتار ڪري جيل اختيارين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته جوابدار اسحاق ان کان اڳ ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو هو.

Leave A Comment