رياست خلاف بيانيو ٺاهيندڙ جماعت خلاف مڪمل ثبوت ڏيندس: راڻا ثنا

رياست خلاف بيانيو ٺاهيندڙ جماعت خلاف مڪمل ثبوت ڏيندس: راڻا ثنا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) رانا ثناءُ الله خان چيو آهي ته هڪ جماعت بار بار وفاق تي حملا ڪري ٿي ۽ رياست مخالف بيانيو ٺاهيو ويو. جنهن جا هڪ هڪ ثبوت ڏيندس. ڪيئن هڪ معاملو هليو ۽ ڪيئن آمريڪي اخبارن ۾ ڇپرائي ويو. رانا ثناءُ الله سينيٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته قانون ۾ اها اجازت ناهي ته اهڙيون ملاقاتون سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيون وڃن. پنج هفتن کان پوءِ عظميٰ خان جي ملاقات ڪرائي وئي، جنهن کان پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀ سامهون آهي، ۽ هن خلاف ورزي کي اڳ کان به وڌيڪ وڌايو ويو آهي.