رياست خلاف سرگرميون، مالي مدد ۽ سهولتڪاري ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، دهشتگردن جي خاتمي تائين سندن پيڇو ڪيو ويندو: آرمي چيف
ڊسمبر 23, 2024
راولپندي/ وانا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته رياست خلاف سرگرميون، مالي مدد ۽ سهولتڪاري ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين، دهشتگردن جي خاتمي تائين سندن پيڇو ڪيو ويندو. تفصيل موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان پهچي ويو، وانا ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور سندس شاندار آجيان ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي سرحدن جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته جنرل عاصم منير دهشتگردي خلاف ويڙهه ڪندڙ جوانن جي ثابت قدمي کي ساراهيو، آرمي چيف هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي قوم جو حقيقي هيرو قرار ڏنو. ان موقعي تي آرمي چيف جوانن سان ڳالهائيندي چيو ته رياست خلاف سرگرميون، مالي مدد ۽ سهولتڪاري ڪندڙن جَي خاتمي تائين پيڇو ڪيو ويندو، پاڪ فوج دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي سمورين صورتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ثابت قدم رهندي، آرمي چيف چيو آهي ته ملڪ لاءِ شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي امن ۽ استحڪام يقيني بڻائيندي، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي بهادري سڄي ملڪ کي متاثر ڪري ٿي، جوانن جي همت ۽ ارادا مضبوط آهن. هن چيو ته ملڪ جو امن ۽ استحڪام خراب ڪرڻ جي ڪنهنکي به اجازت نه ڏني ويندي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ڪهڙي به روپ ۾ هجي انکي هر صورت ۾ ختم ڪري پوءِ ئي ساهه پٽينداسين.