رياست عوام کان ٽيڪس ٿي وٺي يا ڀتو؟

ڏوهن جو فيل مست سڄي سنڌ پنهنجن پيرن سان لتاڙي ۽ اجاڙي رهيو آهي پر مجال آهي، جو حڪمران ان کي پنهنجي اختيار لاءِ چئلينج ۽ انتظام ۾ ڪا مداخلت سمجهن. ڄڻ ان کي ڀونءِ ڀيلڻ جي ڪا مشروط اجازت مليل هجي! قانون ان کي ڏانوَڻ وجهڻ جي سگهه نٿو ساري. ڏوهن جي ان مڪني هاٿيءَ کي ڇيڪ ڇڏي سنڌ جي ماڻهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي ويئي آهي ته جيئن ان خوف ۽ غير يقينيءَ جي ماحول ۾ ٻيو ڪجهه به نه سوچين. ڌاريا ته ڌُريان ئي ڌاريا آهن، پر ‘پنهنجن’ به ڄڻ ته پوئتي نه رهڻ جو قسم کاڌو هجي! انهن ڪڏهن به سنڌ جي سُورن جو ناهي سوچيو. سنڌ جي سرير ۾ ‘ڪرائيم’ جو ڪئنسر سرايت ڪري ان جي شعور جو جيءُ جڏو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا حڪمران امن امان جي خراب صورتحال کان لاتعلق بڻيل آهن. ڏوهاري بيخوف ٿي وارداتون ڪري رهيا آهن. ايتري قدر جو گهرو وزير جو پنهنجو تڪ به امن لاءِ سِڪي رهيو آهي. موري ويجهو قمرالدين چانڊيو ٿاڻي جي حد مان ڳوٺ نواب سابقي جي رهواسي شاگرد عمران سابقي کي اغوا ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي ننڍي ڀاءَ سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو. هڪ طرف پوليس جي نااهليءَ جي اها حالت آهي ته ٻئي طرف پوليس ڪجهه ڦڙتي ڏيکاري ٿي ۽ ڪجهه ڪاميابي ماڻي ٿي پر غلط حڪمت عمليءَ سبب پنهنجو نقصان ڪرائي ٿي ويهي. جنهن جو هڪ مثال شڪارپور جي منڇر شاهه واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٿيل مقابلو آهي، جنهن ۾ 9 ڏوهاري ته مارجي ويا آهن. پر پوليس مقابلي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ٻه پوليس جا جوان گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا آهن. ٻن بهادر ڊي ايس پيز کي بنان رٿابنديءَ ۽ ڏوهارين جي سگهه جو اندازو لڳائڻ بنان ڪنهن اٻهرائي ڪري رات جي پوئين پهر مقابلي لاءِ موڪليو، جن پوليس آفيسرن وٽ بلٽ پروف جيڪٽون به نه هيون؟ ان قسم جا ڪيترائي سوال، جوابن جي جستجو ۾ آهن.

جڏهن به سنڌ ۾ امن امان جي خراب حالتن جي ڳالهه ڪبي آهي، ته حڪمران چوندا آهن ته، اها جمهوريت خلاف سازش پئي ٿئي! ڇوته سنڌ ۾ امن امان آهي، شينهن ۽ ٻڪري هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي ٿا پيئن. اصل ۾ حڪمران ته هلن ٿا ڪمانڊوز جي گهيري ۾، تقريرون به بلٽ پروف شيشن جي پٺيان بيهي ڪن ٿا، انهن جو پروٽوڪول اهڙو، جو اتان ڪنهن بني بشر جو گذر ته پري جي ڳالهه، ڪو پکي به پَر نٿو هڻي سگهي. ظاهر آهي ته انهن کي ته سنڌ ۾ امن امان جو ڪوبه مسئلو نظر نه ايندو. اهي محفوظ آهن ته سمجهن ٿا ته سڄي سنڌ محفوظ آهي. باقي جيتري قدر عوام جو تعلق آهي ته اهو هر وقت ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي نشاني تي رهي ٿو. جڏهن ڪو افسوسناڪ واقعو ٿيندو آهي ته رياستي مشينري ڪجهه وقت لاءِ تحرڪ ۾ ايندي آهي ۽ پوءِ وري اگهور ننڊ ۾ هلي ويندي آهي، جيئن ھن ڀيري شڪارپور واري واقعي کانپوءِ تحرڪ نظر اچي پيو؟ ڇا ايتري وقت تائين ڏوھاري ٽولي کي سليماني ٽوپيون پاتل ھيون، جو آھي قانون کي نظر نٿي آيا؟ رات جو جڏھن ھڪ ايس ايڇ او ڏوھارين سان مقابلو ڪيو ته ان وقت به ڏوھارين جي سگھ جو اندازو نه لڳايو ويو ۽ رات جي پوئين پھر ڊي ايس پيز جوڙي کي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جن وٽ بلٽ پروف جيڪٽس به نه ھيون. ڪير ڏيندو انھن سوالن جا جواب؟ گھرو کاتي جي ڪارڪردگي جي حالت اھا آھي ته گھرو وزير جي پنھنجي تڪ ۾ ڏوھارين کي پٽو نٿو وڌو وڃي، جتان ھڪ شاگرد کي موٽرسائيڪل سوڌو اغوا ڪيو ويو آھي. اھو ايڏو واقعو حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائي نه سگھيو آھي ۽ آھي اڃان تائين شڪارپور مقابلي جون واڌايون وصول ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

عوام ٽيڪس ڀري ٿو، جنھن تي رياست جو وھنوار ھلي ٿو. عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. جڏهن ٽيڪس جي موٽ ۾عوام جي تحفظ جي ذميواري پوري نه ڪئي وڃي ته پوءِ ان ٽيڪس ۽ ڀتي ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ اسان حڪمرانن کان اھا گھر ٿا ڪريون ته موري ويجھو اغوا ٿيل شاگرد عمران سابقي کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ شڪارپور مقابلي ۾ غلط رٿابندي ڪندڙن جو تعين ڪيو وڃي، جنھن ڪري ٻن ڊي ايس پيز ۽ پوليس جي جوانن کي گھاءُ رسيا. اسان ڊي ايس پيز پارس بکراڻي، ظھور سومرو ۽ پوليس جي جوانن جي سورهيائي کي سلام پيش ڪريون ٿا.