رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين، دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي: زرداري
مارچ 20, 2025
ڪوئيٽا (م ڊ) صدر آصف زرداري چيو آهي ته رياست قائم رهندي، حق ڏئي بلوچن جون دليون کٽينداسين. دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي پوندي. بلوچستان جي ماڻهن سان دلي لڳاءُ ۽ پُراڻا لاڳاپا آهن، دهشتگرد قوم کي ورهائڻ گهرن ٿا پر کين هر صورت ۾ شڪست ڏني ويندي، دهشتگردي خلاف ونگز کي جديد هٿيار مهيا ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو صدر آصف زرداري ڪوئيٽا ۾ امن امان بابت اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو، صدر چيو ته اسان حق کسڻ نه پر ڏيڻ گهرون ٿا، اُن سان ماڻهن جون دليون کٽي سگهجن ٿيون، بلوچستان ۾ پائيدار ترقي چاهيون ٿا، اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر کي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز به صدر آڏو تجويزون پيش ڪيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي