| رياست مخالف ٽوئيٽ ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ضمانت ۾ واڌ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ رياست مخالف ٽوئيٽن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ سيمابيه طاهر جي عبوري ضمانت ۾ 2 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدار طرفان حاضري کان استثنا جي درخواست داخل ڪئي وئي، پوليس طرفان به رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل رڪارڊ ۽ جوابدار کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته جوابدار خلاف اين سي سي آئي ۾ ڪيس داخل آهي.