رياست مدينه جهڙيون ڳالهيون ڪري سگهان ٿو پر حقيقتن کان واقف آهيان: مولانا فضل الرحمان

جنوري 29, 2024

لاڙڪاڻو/ سکر/ گهوٽڪي (نمائندن وٽان) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو به رياست مدينه جهڙيون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿو، پر کيس زميني حقيقتن جي ڄاڻ آهي لاڙڪاڻو، سکر ۽ گهوٽڪي ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته بدامني جي ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اميدوار ڊپ ۾اليڪشن وڙهي رهيا آهن، مان امن جي خيرات وٺڻ لاءِ ڪڏهن افغانستان ته ڪڏهن ڪٿي ٿو وڃان. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيڪو ملڪ اسلام تي قائم ڪيو ويو، اڄ ان جو اهو اسلامي چهرو چچريو ويو آهي، سياست مقدس پيشو آهي، ان مقدس سياست کي ڪوڙ ۽ دوکي جيان متعارف ڪرايو ويو آهي، مان به رياست مديني جهڙيون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري سگهان ٿو پر زميني حقيقتن کان واقف آهيان، اسيمبلين کي اهڙن ماڻهن سان ڀريو ٿو وڃي جن کي قرآن ۽ سنت سان ڪا به دلچسپي ناهي،  1973ع کان وٺي اڄ تائين قرآن ۽ سنت مطابق قانونسازي ناهي ٿي سگهي. جي يو آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته جڏهن اسان اليڪشن ۾ حصو وٺندا آهيون ته چيو ويندو آهي ته اهي ڪرسي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، اسان ان کي مقدس جهاد سمجهون ٿا، اسان کي دين اسلام کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي، اسان ڏکيا سفر طئي ڪيا آهن، ان رستي ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جهڙن خون جو نذرانو ڏنو، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان انساني حق، بهتر معيشت ۽ بهتر روزگار جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، ڪو بهتر روزگار سوشل ازم ۾ تلاش ٿو ڪري ته ڪو مغربي ملڪن ۾، بحيثيت قوم اسان کي سوچڻو پوندو ته اسان ڪٿي دربدر آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ عام چونڊون ۾ حصو وٺندڙ جي يو آءِ ۽ جي ڊي اي اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جامعه اسلاميه لاڙڪاڻو ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪيو. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته هي ڪهڙي رياست آهي جو اسان جي ملڪ ۾ ڌاڙيل طاقتور ۽ پوليس ڪمزور آهي اسين ڪيسيتائين نعرن جي پٺيان هلنداسين. ڪڏهن ان ڳالهه کي سمجهنداسين ته اسان بار بار غلط فيصلا ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن مولانا طاهر خالد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته مان فريال ٽالپر کي چئيلنج ٿو ڪيان ته هو تڪ جي يونين ڪائونسل جا نالا ٻڌائي، هن ڪڏهن پنهنجي تڪ جو دورو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ماڻهن سان ملاقات ڪئي آهي، جي ڊي اي طرفان اين اي 195 جي اميدوار ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو خطاب ڪيو. گهوٽڪي جي مين چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان 75 سالن ۾ اهڙن ماڻهن کي چونڊيو آهي جيڪي سياست کي پنهنجي مفادن لاء اسعتمال ڪندا آهن. ٻئي طرف جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سکر ۾ دستار فضيلت ۽ باب الاسلام  سنڌ ڪانفرنس کي خطاب ڪيو

Leave A Comment