| رياست کانسواءِ ڪير به جهاد جو حڪم نٿو ڏئي سگهي، ڪاميابي جادو ٽوڻن سان ناهي ملندي :وزيراعظم/ آرمي چيف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فوج خلاف زهريلي پروپگئنڊا ڪئي وڃي ته فوج جو دفاع ڪرڻ حڪومت ۽ عالمن سوڌو سڀني جي ذميواري آهي، اسلام آباد ۾ عالمن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي قربانين جو مذاق اڏايو ويو ته پاڪستان جي عزت ڪير ڪندو؟ هن چيو ته جادو ٽوڻن سان نه، رڳو محنت سان ڪاميابي ملندي آهي، قومي ٻڌي جي فضا قائم ٿيڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، ملڪ ۾ فرقي پرستي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته رياست کانسواءِ ڪير به جهاد جو حڪم نٿو ڏئي سگهي، عزت ۽ طاقت ڏڦيڙ سان نه، پر محنت سان ملندي آهي،هن چيو ته دهشتگردي ڪرڻ پاڪستان نه، پر ڀارت جو وَڙُ آهي، اسان لِڪي نه پر دشمن کي للڪاري ماريندا آهيون، الله جي ڪرم سان حق جي معرڪي ۾ اسان کي ڪاميابي ملي، عالم قوم کي متحد رکن ۽ قوم جي نظر ۾ وسعت پيدا ڪن، فيلڊ مارشل چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جو پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا آهن، سعودي عرب سان دفاعي معاهدو تاريخي آهي، الله سمورن اسلامي ملڪن مان اسان کي حرمين جي محافظن جو شرف ڏنو آهي،