رياست ڪڏهن جاڳندي؟ سوات واقعي تي شوبز شخصيتون ڏکايل

جُون 29, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز شخصيتن سوات دريا ۾ آيل ٻوڏ ۾ هڪ ئي خاندان جي 18 ماڻهن جي ٻڏي وڃڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو بي وسي ۽ مدد جي انتظار جي تصوير آهي.

سوات وادي ۾ پيش آيل خوفناڪ واقعي نه رڳو سڄي قوم کي سوڳ ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر پاڪستاني فنڪار برادري کي به ڏکارو ڪري  ڇڏيو آهي.

سوات سانحي جو ذميوار ڪير آهي؟ جڏهن سياحن مدد لاءِ سڏ ڪندا رهيا ته انهن کي ڇو نه بچائي سگهيا؟

پاڪستاني اداڪارا صبور علي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي سوال اٿاريو ته جڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ کي صاف ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته هيلي ڪاپٽر فوري طور تي پهچي ويندا آهن. انهن 18 جيئرن ماڻهن لاءِ ڪا به اڏام ڇو نه آئي؟

اداڪاره ماهره خان واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته، “منهنجي دل جهري پئي آهي، اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟” اهو سڀ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ۽ اسان صرف ويٺا ڏسندا رهون؟

زارا نور عباس به ان واقعي کي دل ڏکوئيندڙ قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جي رياست ڪڏهن جاڳندي؟ اهي ٽيڪس ادا ڪندڙ شهري هئا، اهي سفر تي ويا ۽ جنازي سان واپس آيا.

علي ظفر، همايون سعيد، فيصل قريشي ۽ احسن خان سميت ٻين اداڪارن ۽ رانديگرن پڻ سوشل ميڊيا تي هن سانحي تي پنهنجي دلي ڏک جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته جيڪڏهن وقت تي مدد پهچي ها ته قيمتي انساني جانين جي نقصان کي روڪي سگهجي ها.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ