| ريتي ڀرسان قتل ٿيل ناريءَ جو قاتل پيءُ ئي نڪتو |
ڪمون شهيد(ن پ ا) ريتي ٿاڻي جي حد نريلي مائنير تي ناري جي قتل ۾ پيءُ ئي ملوث نڪتو. ان ڏس ۾ نريلي مائنير واري علائقي ۾ هڪ هفتو اڳ پيش آيل نوجوان ناري فاطمه کنڀڙو جي قتل جو ڳجهارت حل وئي پوليس جي جديد جاچ ۽ حڪمت عملي جي نتيجي ۾ مبيانه حملي جو ڊرامو ڪندڙ ناري جو پيءُ ئي اصل قاتل نڪتو، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ايس ايڇ او ريتي احسان مهر موجب ريتي پوليس واقعي واري ڏينهن کان ئي معاملي کي شڪي نظر سان ڏسي رهي هئي. ايس ايس پي جي خاص هدايتن تي جوڙيل ٽيم جڏهن ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ واقعي واري هنڌ کان مليل شاهدين جي روشني ۾ جاچ ڪئي ته ڪيس جو رخ مڙي ويو جوابدار پيءُ ايوب کنڀڙو پاران ٻڌايل بيان ۾ تضاد هو پنهنجي پاڻ کي لڳل زخمن بابت جڏهن طبي معائنو ڪرايو ويو ته اهي شڪي لڳاسخت پڇا ڳاڇا دوران جوابدار پنهنجو ڏوهه مڃيندي اعتراف ڪيو ته هن پاڻ پنهنجي نياڻي کي قتل ڪيو ۽ ڪيس کي مڙهڻ لاءِ “اڻڄاتل هٿياربندن” جو ڊرامو رچايو. . پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شروعات ۾ پاڻ کي زخمي ظاهر ڪري پوليس کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر جوابدار هاڻي پنهنجي ڌي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته قتل جا اصل ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ ڇا ان ۾ ڪو ٻيو به ملوث آهي