لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) ريج بيٽ کي 2025 ۾ آڪسفورڊ ڊڪشنري جو جذبن کي ڀڙڪائيندڙ لفظ قرار ڏنو ويو آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان هر سال جي پڄاڻي تي هڪ لفظ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي جيڪو سال جي عڪاسي ڪندڙ يا ثقافتي اهميت رکندڙ هجي پر هن ڀيري حيران ڪندڙ نموني جنهن لفظ جي چونڊ ڪئي وئي آهي اهو ريج بيٽ آهي جيڪو نه ثقافتي اهميت رکندڙ آهي ۽ نه ئي سال جي عڪاسي ڪندڙ آهي پر جذبن کي ڀڙڪائيندڙ لفظ آهي. اهڙو ڪوبه مواد جيڪو جذبن کي ڀڙڪائڻ لاءِ لکيو وڃي ان لاءِ ريج بيٺ جو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.