| ريلويز ۾ بجلي جي لائن لاسز سبب 2 ڪروڙ 43 لکن جو نقصان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلويز بابت هڪ آڊٽ رپورٽ ۾ بجلي جي غيرمعمولي لائن لاسز جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب جولاءِ 2023ع کان نومبر 2024ع تائين پاڪستان ريلويز لاءِ 14 لک 97 هزار 638 يونٽ بجلي خريد ڪئي وئي. رڪارڊ مطابق صرف 10 لک 63 هزار 867 يونٽ ورهايا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4 لک 33 هزار 771 يونٽ بجلي غائب ٿيڻ سبب ٻن ڪروڙ 43 لک 20 هزار رپين جو مالي نقصان ٿيو، جڏهن ته خريد ڪيل بجلي جو 29 سيڪڙو لائن لاسز جي نذر ٿي ويو. آڊٽ رپورٽ لائن لاسز جي نالي تي بجلي چوري جي امڪان کي به رد نه ڪيو آهي. ڪوئيٽا پاور هائوس ۾ 3 لک 53 هزار 479 يونٽ، ڪوئيٽا سب اسٽيشن ٽو ۾ 39 هزار 604 يونٽ، لفٽ شاپ ڪوئيٽا ۾ 19 هزار 194 يونٽ ۽ پاور هائوس سبي ۾ 21 هزار 494 يونٽ بجلي جو نقصان رڪارڊ ڪيو ويو. آڊٽ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته بجلي جي فراهمي ڊسڪوز حوالي ڪري نگراني جو نظام وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي.