| ريلوي زمين تي ٿيل حددخلين ۽ قبضن بابت رپورٽ طلب |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ريلوي جي زمين تي ٿيل حددخلين ۽ قبضن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ريلوي کي حددخليون ختم ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو آهي، ريلوي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪري. حدخليون ٿي رهيون هيون، قبضو ٿي رهيو هو، ۽ ريلوي اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. حدخلين هٽائڻ لاءِ ڪنهن ريلوي جا هٿ ٻڌي ڇڏيا هئا ڇا. جسٽس حسن رضوي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ريلوي ملڪيت واري زمين واپس وٺڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا، ريلوي زمين تي ٿيل قبضن ۽ حددخلين جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي. جسٽس حسن رضوي چيو ته ريلوي ملڪيت واري زمين تي قبضو روڪڻ لاءِ ڪو آهي يا ناهي.