ريل ٻن سيڪنڊن ۾ 700 ڪلوميٽر رفتار پڪڙي رڪارڊ ٺاهي ورتو

ريل ٻن سيڪنڊن ۾ 700 ڪلوميٽر رفتار پڪڙي رڪارڊ ٺاهي ورتو

بيجنگ (انتريسٽنگ نيوز) چين ۾ ريل ٻن سيڪنڊن ۾ 700 ڪلوميٽر رفتار پڪڙي ريڪارڊ ٺاهي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ڊفينس ٽيڪنالاجي جي سائنسدانن جو تجربو ڪامياب ٿي ويو. سائنسدانن هڪ تيز ترين ميگليو ٽرين تي تجربو ڪيو. ميگليو ٽرين رڳو 2 سيڪنڊن ۾ رفتار وڌائيندي 700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي وئي. سائنسدانن ان تيز ترين ريل کي خاص 400 ميٽر ڊگهي ٽريڪ تي هلايو، جڏهن ته هلندڙ سال جنوري ۾ ان ٽريڪ تي ريل 648 ڪلوميٽر جي رفتار پڪڙي هئي. ماهرن موجب ٽرين جي اها رفتار اکين سان واضح طور ڏسڻ به مشڪل هئي. سندن چوڻ هو ته اها هن وقت تائين سڀ کان تيز ترين سپر ڪنڊڪٽنگ اليڪٽرڪ ميگليو ٽرين آهي جنهن تي انجنيئرن جي ٽيم لڳ ڀڳ 10 سال کان ڪم ڪري رهي هئي.