رينا دتا کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ شرابي ٿي ويس: عامر خان

رينا دتا کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ شرابي ٿي ويس: عامر خان

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي پهرين زال رينا دتا کي طلاق کانپوءِ پنهنجي شراب پيئڻ جي عادت سميت ڏکين وقتن تي کليل طور تي ڳالهايو آهي. عامر خان جي ذاتي زندگي ۾ هڪ ڏکيو دور تڏهن سامهون آيو جڏهن هن رينا دتا کان عليحدگي کانپوءِ پنهنجن عادتن بابت ڳالهايو. فلم 3 ايڊيٽس جي اداڪار چيو ته جڏهن سندس زال ٻارن سان گڏ گهر ڇڏي وئي ۽ هو اڪيلو رهجي ويو. اهو وقت جذباتي طور تي تمام گهڻو چيلنجنگ هو، هن چيو ته گهر ۾ مهمانن لاءِ شراب رکيل هوندو هو، هن رات  جو انهي شراب کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو،هن چيو ته هن اڳ ڪڏهن به شراب نه پيتو هو پر آهستي آهستي عادت بڻجي ويو، آئون ڏيڍ سال تائين رات جو هڪ بوتل پيئندو هئس، هاڻ صورتحال  ڪنٽرول ۾ آهي